اسلام آباد – 29 8211; آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار لاءِ ڀائر ملڪ ترڪيه جا چار جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي تر??مان هڪ بيان ۾ چيو ته ترڪ حڪومت پاران موڪليل امدادي سامان جي کيپ صدر رجب طيب اردوان جي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي هر قسم جي مدد جي عزم جو حصو آهي. پرڏيهي وزارت جي عملدارن انساني امداد کڻي ايندڙ اڏامن جي آجيان ڪئي. ڪراچي ۾ ترڪيه جي قونصل جنرل سيمل سانگو امدادي شيون پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪيون. تر??مان موجب امدادي سامان ۾ خيما، د??ائ??ن، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو ضروري سامان شامل آهي.