ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀر??. ا?? موقعي تي ازبڪستان جي اعليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گڏ هو. وزيراعظم ازبڪستان جي باني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئ??. ا??ين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن تعمير جو بهترين شاهڪار آهي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ثمرقند پهتو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم تاجڪستان جي ??در امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزئيوف سان ??دا ??دا ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم روسي ??در ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني ??در ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي ??در اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي ??در سيد رجاپاروف سان پڻ ??دا ??دا ملاقات ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم ازبڪ ??در پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.