گڏيل قومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پا??ستان ۾ تباهه ڪُن ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آ??ن، جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ فوت ۽ اتڪل 80 لک بي گهر ٿي چڪا آ??ن. سنڌ صوبي جو ڏاکڻو علائقو بدستور پا??يءَ هيٺ هجڻ ڪري بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۾ مصروف گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جي گڏيل بيان مطابق پا??ستان جي قدرتي آفت سبب متاثر علائقن ۾ جتي امدادي شين جي سخت ضرورت آهي، اتي متاثرن تائين پهچڻ به ڏُکيو آهي، خاص طور تي ڏکڻ سنڌ جتي هاڻي تائين علائقا پا??يءَ هيٺ ٻُڏل آ??ن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پا??ستان ۾ ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آ??ن، تقريبن 80 لک بي گهر ۽ 1500 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جن ۾ 552 ٻار به شامل آ??ن. گڏيل قومن جي ادارن مقامي اختيارين سان گڏجي امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو آهي، جڏهن ته ماڻهن لاءِ مناسب مقدار ۾ خوراڪ، پناهگاهه ۽ صحت جون ضروري سهولتو?? دستياب ناهن. گڏيل قومن جي ٻارن جي حوالي سان اداري (يونيسيف) جي چيف آف فيلڊ آفيس بلوچستان گيريڊا بيروڪيلا بلوچستان جي حالت بيان ڪندي چيو ته هتي ٻوڏ سبب رستا ۽ پُلون پا??يءَ جي وهڪري ۾ وهي ويون آهن ۽ هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ پا??ي بيٺل آ??ي. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ دماغي مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن جي علاج لاءِ دوائون به دستياب ناهن. ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ پائڻ لاءِ لباس تائين ناهي، پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي ايشيا پيسفڪ لاءِ ترجمان بابر بلوچ مطابق پا??ستان ۾ 7.6 ملين ماڻهو ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، جن ۾ اٽڪل 6 لک امدادي هنڌن تي ترسيل آ??ن. اسان جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1.2 ملين امدادي شيون مقامي اختيارين تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي، جنهن مان 10 لک فراهم ڪيا ويا آ??ن. هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي حصا خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ۽ اوڀر بلوچستان جا علائقا پا??يءَ هيٺ آهن. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جو پا??ي سُڪڻ ۾ 6 مهينن جو عرصو لڳي سگهي ٿو. بابر بلوچ چيو ته پا??ستان ۾ 1.3 ملين رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي به ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.