صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبتپور ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻا??ن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول جو قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻا??ن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ نئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻا??ن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻا??ن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پ?? معلوم ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صحبت پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.