اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر کان ??ين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به ساڻس گڏ هوندو. وزيراعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه ??ين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ??ين جو پهريون ??ورو هوندو، وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ ??ين جي صدر شي جن پنگ س??ن ملاقات ڪئي هئي. ??ين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم ??ين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بي??ن موجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي مٽاسٽا جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم دوري دوران صدر شي جن پنگ س??ن ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون ??ي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌ??ڪ چيو ويو آهي ت?? ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن / معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي جڏهن ته وڏي پئماني ت?? ٻطرفي تعاون ??ي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ تعاون ??ي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ جي پڻ اميد آهي.