اس??ام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي چيئرمين ع??را?? خان کي عدالت وڃڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته ع??را?? خان بس گهڻو ٿي ويو، فارن فنڊنگ، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو جواب ته ڏيڻو پوندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گهڙيءَ ع??را?? خان 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي ?? هينڊلر جي ذريعي 28 ڪروڙ جي وڪرو ڪئي، پئسا مني لانڊر ٿي پاڪستان آيا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا ويا. هن چيو ته ع??را?? خان پاڪستان، دبئي، مريخ يا پوءِ چنڊ تي ڪٿي به ڪيس ڪري، رسيدون ته اتي به ڏيڻيون پونديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان ڀڀڪيُون نه هڻي، سوال اهو آهي ته گهڙيءَ 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي، پئسا پاڪستان فرح گوگي آندا ۽ پئسا ڊڪليئر نه ڪيا. هن چيو ته ع??را?? خان اعلان نه ڪري، عدالت وڃڻ جي تاريخ ٻڌائي. عدالت وڃڻ جي تاريخ سان گڏ گهڙيءَ وڪرو ڪرڻ جي رسيد به ٽوئيٽ ڪري. هن چيو ته ع??را?? خان 2 ڪروڙ ۾ گهڙيءَ خريد ڪري 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي ?? ان کي ڊڪليئر نه ڪيو، ان ۾ شاهزيب، جيو ۽ مير ابراهيم جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن چيو ته ع??را?? خ??ن صاحب ٻڌائي ته گهڙيءَ جا پئسا پاڪستان ڪنهن آندا ۽ ڪيئن آندا؟ هن چيو ته ع??را?? خان توهان جا هينڊلرز فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر پڪڙيا ويا آهن، ع??را?? خان ٻين تي ڪوڙا الزام هڻي جڏهن ته پاڻ سڳ سُوڌو پڪڙيو ويو ته چيو ته بي بنياد الزام آهن. مريم اورنگزيب چيو ته ع??را?? خان ڪوڙن الزامن تي سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو ۽ پاڻ تي ڏوهه ثابت ٿيو ته بي بنياد هُجڻ جو روڄ راڙو شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ع??را?? خان توشه خانه ڪيس جي ڪنهن به نوٽيس جو جواب نه ڏنو ۽ ڪنهن جاچ ۾ شامل نه ٿيو.