اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۾ آءِ جي شعبي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، آءِ ٽي جي روانگي واپار جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، آءِ ٽي جو موجوده روانگي واپار اسان جي حقيقي صلاحيت سان هڪجهڙائي نه ٿو رکي، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اپٽيڪا کي روانگي واپار جي فروغ لاءِ سموريون سهولتون ف??اهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ (اپٽيڪا) جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، آءِ ي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون شيزه فاطمه خواجه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اپٽيڪا جي پهريون ڀيرو ميزباني پاڪ??تا?? جي لاءِ اعزاز آهي، پاڪ??تا?? ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪ??تا??ي ڪمپنين آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي ۽ ان شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي اهي، ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن ۾ مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ هي اسان جي لاءِ هڪ چئلينج ۽ موقعو به آهي، اسان کي ان موقعي مان ف??ئدو کڻڻو پوندو، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن مان ف??ئدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هو جڏهن پنجاب ۾ وڏو وزير هو تهص حت، تعليم ۽ روينيو جي وصولي جهڙن مختلف شعبن ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا، هوشيار شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا، ان کانسواءِ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ پنجاب ۾ شاگردن ۽ استادن کي ڪتابچا پڻ فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت آهي پر اسان جو روانگي واپار رڳو 2.5 ارب ڊالر ساليانو آهي جيڪو اسان جي حقيقي صلاحيتن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي، اسان آءِ ٽي جو روانگي واپار اربين ڊالر وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته گذريل 8 مهينن دوران هن آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، اسان پنهنجو اهو روانگي واپار ساليانو 5 ارب ڊالر تائين فوري وٺي وڃي سگهون ٿا، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي اڳتي اچي ان سلسلي ۾ منصوبو ٺاهڻ گهرجي ته جيئن اسان ڪهڙي طرح پنهنجا هدف آساني سان حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته هي فورم آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ اسانجي ڪوششن ۾ سگهه جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم پاڪ??تا?? ۾ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ تي اپٽيڪا جي چيئرمين جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ??تا?? آءِ ٽي جي شعبي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ اپٽيڪا کي روانگي واپار جي فروغ لاءِ سموريون سهولتون ف??اهم ڪيون وينديون. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو ته غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ آءِ ٽي جو ڪردار اهم آهي، پاڪ??تا?? علم تي ٻڌل معيشت جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کنيا اهن، اسان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي اسان جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ آءِ ٽي انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن کي ڊيجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ اسان جو عزم آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون استعمال ڪندڙ ۽ براڊ بينڊ سان ڳنڍيل صارفين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ٿري جي ۽ فور جي سان ڪم نه هلندو، ايندڙ سال جون ۾ فائيو جي سروس شروع ڪئي ويندي. تقريب کي پاڪ??تا?? سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جنيد، اپٽيڪا جي چيئرمين ??تا?? سنگهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پاڪ??تا?? 7 کان 11 ڊسمبر تائين 21 هين اپٽيڪا ايوارڊ 2022ع جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پاڪ??تا?? ۾ پهريون ڀيرو منعقد ٿي رهيا آهن جنهن جو انتظام انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وزارت جي تعاون سان ڪيو ويو آهي. هن ايونٽ ۾ ملائيشيا، آسٽريليا ۽ سنگپاور سميت مختلف ملڪن مان 150 غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪورونا کانپوءِ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پهريون ڀيرو منعقد ٿي رهيو آهي جيڪي عالمي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.