اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا کي ??نسانيت تي ٻڌل اخلاقيات ۽ هڪ نئين ورلڊ آرڊر جي ضرورت آهي جتي هن زمين تي رهندڙ هر ماڻهو جي قدر هجي، رنگ، نسل، زبان جي فرق کانسواءِ هر انسان کي ??رابر سمجهيو وڃي، ترقي يافته ملڪ ذاتي مفاد جي پاليسين تي عمل پيرا آهن ۽ پنهنجي مخصوص ضرورتن، خواهشن ۽ ترجيح?? کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ پنهنجون پاليسيون ۽ سوچ گهٽ ترقي يافته ملڪن تي لاڳو ڪن، ترقي يافته ملڪ پنهنجي طئي ٿيل مفاد تي ٻڌل عالمي نظام گهٽ ترقي يافته ملڪن تي اهڙي طرح عمل ڪن جنهن ۾ ڪنهن مفاد کانسواءِ ۽ انهن جي طرز زندگي، ترجيحن ۽ سماجي ۽ ثقافتي قدر?? کي نظر ۾ رکيو ويو هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ٻي عالمي ڪانفرنس بعنوان ”سيڪيورٽي ڊائيلاگ“ جي افتتاحي اجلاس کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪم ڪرڻ جي روايتي طريقن کانسواءِ تڪرارن وارن علائقن، انهن جي اثرن، پهچ ۽ انهن کي ??ل ڪرڻ جي طريقن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ غيرروايتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومن ۽ قومي رياستن جي روايتي تصور کي چئلينج ڪيو پيو وڃي جنهن کي ??ولين ترجيحي بنيادن تي سنڀالڻ جي ضرورت آهي پر اهو رڳو سلامتي، خوراڪ ۽ موسمياتي تبديلي جي اهم شعبن ۾ عالمي تعاون سان ئي ٿي سگهي ٿو. موسمياتي تبديلي انسانن ۽ زمين تي موجود ٻين جاندار ۽ غيرجاندار شي?? کي متاثر ڪيو آهي ڇو ته هڪ اندازي موجب 2050ع تائين 50 انواع جا ڪيڙا مڪوڙا معدوم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن جنهن جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ قدرتي آفتن موسمي نظام کي متاثر ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي توازن جي بحالي، بک ۽ غذائي کوٽ کان بچڻ جي لاءِ زراعت ۾ به ويجهي ۽ بامعنيٰ عالمي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ تضاد موجود آهي ڇو ته ڪجهه ماڻهن وٽ خوراڪ ۽ وسيلن جي گهڻائي آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي ??ندگي جي بنيادي ضرورتن جي کوٽ درپيش آهي. هن دنيا ۾ تڪرارن کي ??وڪڻ جي لاءِ روايتي ۽ غيرروايتي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته سائبر ورلڊ ۽ صحت جي شعبي ۾ به تعاون جي ضرورت آهي. هن ان حقيقت تي افسوس جو اظهار ڪيو ته علائقائي تنظيمون علائقائي تعاون ۽ علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ قائم ڪيون ويون هيون پر جيڪڏهن سارڪ ۾ ڀارت جهڙن وڏن ملڪن تنظيم کي مناسب اهميت نه ڏني ته اها تنظيم پنهنجي سگهه ۽ افاديت وڃائي ڇڏيندي. هن چيو ته هندستان کي ??نياد پرستي 7 اقليتن جي خلاف امتيازي سلوڪ جو ٻج نه پوکڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت جي عدم تعاون جي ڪري ڪشمير مسئلو به پٺتي هليو ويو آهي. صدر چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ ادار?? کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، مشاورت ۽ آئين جي پاسداري سان جمهوريت کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ آبادي ۽ اڻبرابري ۾ اضافي بابت ڳ??لهائيندي هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن جي بهترين طريقن کي ??ختيار ڪندي آبادي ۾ اضافي کي منظم طريقي سان روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي اقتصادي ترقي حاصل ڪري آبادي جي وڌندڙ شرح کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته ڪاربن جي اخراج کي ??وڪڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اٽڪل 148 ملي?? ايڪڙ فوٽ پاڻي برسات ۽ برفباري جي نظام جي ذريعي پاڪستان ۾ اچي ٿو جيڪو اسان جي ضرورتن جي لاءِ ڪافي آهي جنهن ۾ هر قسم جي فصلن جي پيداوار به شامل آهي شرط اهو آهي ته اسان قيمتي وسيل?? کي محفوظ رکڻ، زيا?? کي گهٽ ڪرڻ ۽ زراعت جي موثر ذريعن کي ??ستعمال ڪرڻ ۽ ٻئي استعمال جي قابل هجون. هن ڪوويڊ 19 وبائي مرض دوران عاليم تعاون کي ??اراهيو. انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي صدر سفير نديم رياض پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز پنهنجي تحقيق کي ڏکڻ ايشيا، ڀارت، افغانستان، ايران، چين، علائقائي سلامتي ۽ سائبر سيڪيورٽي تي مرڪوز رکيو. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد پاليسي سازن کي ??اص طور تي روايتي ۽ غيرروايتي خدشن، موسمياتي تبديلين ۽ جامع سيڪيورٽي جي مستقبل جي شعبن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.