اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊائريڪٽر جن??ل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اٽامڪ انرجي کي صحت، زراعت، صن??ت ۽ بجلي جي شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊي جي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي پاڪستان جي نيوڪليئر صلاحيتن کي ساراهيو. ڊائريڪٽر جن??ل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانوگروسي پاڪستان جي ٻن ڏينهن ??ي دوري تي اسلام آباد ۾ آهي.