اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجي ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، نجڪاري کانپوءِ ??را??ي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??را??ي اليڪٽرڪ جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ??را??ي اليڪٽرڪ جي سيڙپڪاري کي انرجي سيڪٽر خاص طور تي شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ??را??ي اليڪٽرڪ کي درپيش سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ??ڃن. هن ??يو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان نجي ۽ عالمي ڪمپنين کي مان کڻڻ جي ضرورت آ??ي. هن ??يو ته حڪومت قابل تجديد خاص طور تي توانائي جي ذخيرن سان بجلي پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا ??ڃن. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ??را??ي اليڪٽرڪ جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ڪليڪشن ۾ بهتري آئي آهي جيڪو باقي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي لاءِ هڪ مثال آهي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ??را??ي اليڪٽرڪ جي وفد ۾ شيخ عبدالعزيز حمد الجوميه، شان عباس، نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ??را??ي اليڪٽرڪ، سيد مونس عبدالله علوي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??را??ي اليڪٽرڪ ۽ عمران حسين قريسي چيف ريگيوليٽري آفيسر ??را??ي اليڪٽرڪ شامل هئا.