اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي ڪري پي ٽي وي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم رهيو، اسان اقتدار ۾ اچي فوري ڪ??رر??ائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي ??ي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا. قومي اسيمبلي ۾ شگف??ه جماڻي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ۾ راندين جا عالمي مقابلا ڏيکارڻ جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ميڊيا سان معاهدن جي لاءِ هڪ سيل قائم ڪيو آهي، راندين جي مقابلن کان هڪ سال اڳ انهن معاهدن جي لاءِ ڪ??رر??ائي شروع ڪئي وڃي ٿي پر اڳوڻي حڪومت ان حوالي سان ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، پي ٽي وي جي اسڪرين کي اهي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم رکيو ويو پر جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان فوري ڪ??رر??ائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي ??ي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا، اسان ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جي رپورٽ کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ ن??ريات واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ريڊيو ۽ 20 علائقائي زبانن جا 300 پروگرام روزانو ٿين ٿا. هن چيو ته غيرمسلمان پاڪستانين جي مذهبي رسمن ۽ تهوارن جي حوالي سان به ۽ علائقائي زبانن ۾ پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا. شگف??ه جماڻي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري شهباز بابر چيو ته پي ٽي وي سدائين راندين جون سرگرميون ڏيکاريون آهن، اسان جي حڪومت 2022ع ۾ آئي، ان کان اڳ اڳوڻي حڪومت فيفا سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي هئي، ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي جلد رپورٽ ايندي. شيخ روحيل اصغر جي سوال جي جواب ۾ شهباز بابر چيو ته پي ايس ايل جا مئچ به ان لاءِ نه ڏيکاريا ويا ڇو ته هڪ نجي ٽي وي چينل کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان معاملي تي به ڪ??رر??ائي جاري آهي. يقين ڏياريان ٿو ته اڳتي پي ٽي وي سموريون مئچون ڏيکاريندو.