اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جي افتتاح کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وفدن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽر??لي?? وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، ??لوچستان عوامي پارٽي جا پارليامان?? ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زبيده جلال شامل هئا.