اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عر?? ۾ پاڪستا?? جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عر?? سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عر?? سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌ?? آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.