ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جاپان سان سيڙپڪاري، واپار، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاه??ون ٿا، نجي شعبو ٻطرفن لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جاپان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاه??ون ٿا، ٻوڏ متاثرين جي مدد تي ج??پان جي حڪومت ج?? ٿورائتو آهيان، پاڪستان جاپان کي افرادي قوت مهيا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٽوڪيو ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي دوري دوران ميزباني تي پرڏيهي وزير يو شيماسا حياشي جو دل سان ٿورا مڃان ٿو، هي منهنجو جاپان ?? خوبصورت شهر ٽوڪيو جو پهر??ون دورو آهي. هن چيو ته پاڪستان ?? جاپان پراڻا دوست آهن، پاڪستاني عوام جاپان ?? جاپاني عوام جي لاءِ گرمجوشي ۽ محبت جا گهرا جذبا رکي ٿي، اسان ضرورت ج?? وقت سدا??ين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون. جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏ??ون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل سال اسان مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ذريعي لاڳاپن ۾ ن??ين توانائي ۽ ولولو ڏٺو آهي. منهنجو آسيان علائقائي فورم جي 29 هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي 4 آگسٽ 2022ع تي ڪمبوڊيا ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. اڄ اسان ملاقات سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته جاپاني پرڏيهي وزير سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڪهڙي طرح ٻئي ملڪ اسان جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪري سگهن ٿا، اسان واپار، سيڙپڪاري، انساني وسيلن جي ترقي ۽ مٽاسٽا، آءِ ٽي، سياحت ۽ زراعت ج??ڙن شعبن ۾ پنهنجي گڏيل فائديمند ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گڏيل طور تي پاڪستان ?? ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ سولرائيزيشن، ڊي سيلينشن ۽ واٽر پيوريفڪيشن ۽ هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي ن??ين سر تعمير جي شعبن ۾ وڌيڪ اثر رکندڙ ٽارگيٽيڊ پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي امڪانن کي ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڌر??ون هنرمند افرادي قوت ج?? چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ?? جاپاني زبان جي لاءِ لينگئيج اسڪل اسسمنٽ ٽيسٽ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جاپان ?? نوجوان پاڪستاني هنرمند انساني وسيلن جي درآمد ۽ ان جي زبان جي تربيت کي تعاون جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ?? جاپاني ادارن جي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن تي به غور ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي دوري دوران نجي شعبي، مقامي ميڊيا سان گڏوگڏ ٿنڪ ٽينڪس سان به ڳالهه ٻولهه ڪندس. ٻنهي ملڪن کي مثبت ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان جي دوري دوران نجي شعبي جي ماڻهن سان ملاقات ڪندس. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمان نوازي تي ج??پاني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تا??ين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. هن جي ج??پاني وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.