اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حق?? واري ڪائونسل پاران پاڪستان ۾ انساني حق?? جي صورتحال جي بهتري جو اعتراف موجوده ح??وم?? جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو 15 مهينن دوران پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي هڪ کانپوءِ هڪ ڪاميابين جا سنگ ميل عبور ڪيا، ملڪ کي ڊي??ال?? کان بچايو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو بحال ڪيو، فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، عالمي فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي 7 درجا بهتري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي ريٽنگ جي اداري فچ (FITCH) پاڪستان جي ريٽنگ وڌائي CCC ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي گڏيل قومن جي انساني حق?? واري ڪائونسل اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حق?? جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪائونسل جو اهو چوڻ ته پاڪستان انساني حق?? جي بهتري لاءِ پختي سياسي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو موجوده ح??وم?? جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي. چار سال جي تباهي، بدنامي، رسوائي ۽ گندگي جي صفائي جاري آهي، سموريون ڪوڙيون، سازشي عالمي پروپئگنڊاز زمين بوس ۽ سدائين جي لاءِ دفن ٿي ويون آهن.