اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي خوشحالي نوجوانن کي سموري?? ضروري مهارتن سان آراسته ڪرڻ ۾ موجود آهي. ملڪ ۾ هنرمندي جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ نيشن?? اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن يونيورسٽي جي وائس چانسلر سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هنرمندي جي تعليم جي لاءِ نيشن?? اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان کي عوام کي روزگار ڪمائڻ جي صلاحيتن واري تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي خوشحالي جو حتمي حل نوجوانن کي انهن سموري?? ضروري مهارتن سان ليس ڪرڻ ۾ موجود آهي جن جي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن کي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ نيشن?? اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تيار ڪيل هنري تعليم جي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري ڳوٺاڻي سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ڏورانهن علائقن کي ڪافي فائدو پهچي سگهي ٿو. جيڪڏهن نيشن?? اسڪلز يونيورسٽي جي تعليمي حڪمت عملي کي لاڳو ڪيو وڃي ته هنرمندي جي تعليم تائين پهچ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار افتتاحي ميٽنگ دوران پرو چانسلر جي ويزن جي تعريف ڪئي. بريفنگ سيشن ۾ تعليم واري وزير يونيورسٽي طرفان پيش ڪيل مختلف هنر سيکارڻ وارن پروگرامن ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ پنهنجي عملي کي مشور?? ڏنو ته اهو نيشن?? اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي دوري جو اهتمام ڪري. هو??ان??ن نگران وفاقي وزير تعليم کي ملڪ ۾ هنري تعليم جي لاءِ يونيسڪو يو اين اي وي او سي سينٽر طور تي اين ايس يو جي منفرد عالمي اعزاز جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. پروفيسر مختار چيو ته پرو چانسلر جي علمي بصيرت، ڳوٺاڻن علائقن جي نوجوانن جي مسئلن جي باري ۾ آگاهي ۽ بهترين شخصيت قومي تعليم ينظام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي ڀائديمند ثابت ٿيندي.