نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ٻيهر نه ورجائ?? جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، وبائي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ ويڪسينز جي دستيابي هر هڪ جي لاءِ ممڪن بڻائڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي وبائي مرضن جي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل جي موضوع تي سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيرا??ظم چيو ته ڪورونا وائرس سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا، انهن کي لاڪ ڊا??ون کي منهن ڏيڻو پيو، عالمي واپار ۽ معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خوش قسمتي سان سائنسدانن جي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٺاهڻ سا?? دنيا ۾ اميد پيدا ٿي، ويڪسين جي ورڇ ۾ اڻبرابري سامهون آئي، غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ ان ويڪسين تي سيڙپڪاري ۾ فرق نظر آيو، حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻو رويو نه رکڻ گهرجي. هن چيو ته مستقبل ۾ صحت بابت بحران دوران ماضي جون اهي خاميون نه ٿيڻ گهرجن، سائنسي دريافتن تائين پهچ زندگيون بچائ?? جي لاءِ لازمي آهي، ان کي دنيا جي ڀلائي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. نگران وزيرا??ظم چيو ته ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڪمپنين جو طبي اوزارن ۽ ويڪسين جي ورڇ ۽ پهچ تي مڪمل اختيار نه هجڻ گهرجي، صحت جي عالمي اداري تحت ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، واپاري توازن قائم ڪيو وڃي، صحت جون دوائون بنا فرق تياري، پهچ ۽ اسرندڙ ملڪن کي ٽيڪنالاجي جي پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏي?? جي لاءِ تياري ڪئي وڃي، ان جي لاءِ ساليانو 30 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ ٺوس تياري ۽ ڪوششن جي ذريعي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ وبائي مرضن کان بچ?? جي لاءِ قدمن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.