اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر ترڪ سفير مهمت پچاجي سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير ترڪيه ۾ تازي بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته د??شتگردي جو درد اسان محسوس ڪيو آهي، ترڪيه به ان درد ۾ ورتل آهي، اسان مضبوط ملڪ آهيون، دهشتگردي جا واقعا اسان کي هڪ قوم طور ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ترڪ ڊراما پاڪستان ۾ تمام گهڻا مقبول آهن، ترڪيه سان گڏجي ??لم??ن ٺاهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ترڪيه جا فلمساز پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي شعبي ۾ ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستان جا اتريان ??لا??قا قدرتي حسن سان مالامال آهن. ترڪيه جا فلمساز انهن خوبصورت سياحتي ??لا??قن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏين. ان ڏس ۾ پاڪ چائنا سينٽر ۾ گڏيل ??لم??ن پڻ ڏيکاري سگهجن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ترڪ سفير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ ترڪ ??لم??ن به کڻي اچون. هن چيو ته جمهوريه ترڪيه پنهنجي 100 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان سان گڏجي انهن تقريبن کي يادگار بڻايون. ترڪ سفير ??لا??قائي تعاون ۾ ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير جي دلچسپي کي به ساراهيو.