بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ سان پا??ر ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن چائنا (پاور چائنا) جي صدر وانگ بن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعميراتي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ انفراسٽر??چر جي ترقي ۾ چين جي ڪردار خ??ص طور تي پا??ر چائنا جي ڪردار کي ساراهيو.