اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي، موثر بارڊر مئنيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي ??نهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن افغان صحافين جي وف?? سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ افغان صحافين جي مسئلن، ويزا جي معاملن ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته ميڊيا جي ذم??واري آهي ته امن دشمنن جي نشاندهي ڪري ته جيئن رياست انهن کي شڪست ڏئي سگهي. هن چيو ته افغان صحافين جي ويزا معاملن تي گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ويندو. پاڪستان هڪ ذم??وار رياست طور ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته سمورا غيرملڪي قانوني طريقي سان اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿيا. افغان صحافين جي وف?? اطلاعات واري نگران وف??قي وزير جا مسئلن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.