اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي ننڍي کنڊ جي ناليواري گلوڪار استاد حسين ??خش خال گُلو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ استاد حسين ??خش گُلو جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين ??ان تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته استاد حسين ??خش گُلو جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي ا??سوس ٿيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ استاد حسين ??خش گُلو هر جڳهه تي پنهنجي گائيڪي جا نقش ڇڏيا. استاد حسين ??خش گُلو ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو رهيو، سندس لاڏاڻي سان اڄ ڪلاسيڪ موسيقي جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو. مرتض??ٰ سولنگي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ک?? جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي ص??ر ??ميل عطا فرمائي.