اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي مستقبل بابت قانونسازي جي فيصلي کي ڀ??رتي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ ڄمون ۽ ڪ??مير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو هڪ ٻيو فريب قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪ??مير عالمي سطح تي مڃيل هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيص??و گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ۽ ڪ??ميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻو آهي. هن چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪ??مير تي ڀ??رت جي قبضي کي ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اسان ڪنهن به اهڙي قدم کي وا??ح طور تي رد ڪريون ٿا جيڪو ڀارت جي قبضي کي برقرار رکندو هجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀ??رت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ جي ڪيترن ئي قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، پاڪستان انهن قدمن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي رد ڪري ٿو ڇو ته اهي ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. ترجمان چيو ته اهي قدم عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهن، ڀارت کي انهن غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻ گهرجي ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مثبت ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.