مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڄمو?? ۽ ??شمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراري?? اختيار نٿو ڪري سگهي، آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۽ گلگت بلتستان جو روڊ جي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمو?? ۽ ??شمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توسيع کانپوءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا پاران نگران وزيراعظم جي آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ گذريل ڏينهن جي تقريب جي زبردست پذيرائي ڪئي وئي. آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ٻنهي طرفن جي ڪشميرين جا دل کٽي ورتا ۽ انهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي تقرير کي ڪشميري عوام، اوورسيز ڪشميرين، ڪشميري اڪيڊميا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پاران ڀرپور طريقي سان ساراهيو ويو. آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم جي دليراڻي موقف ڪشميرين ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آهي. ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آئون آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ پاڪستان رياست جو موقف ورجائڻ آيو آهيان ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڄمو?? ۽ ??شمير جي تڪراري حيثيت عالمي سطح تي مڃيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن کان فراري?? اختيار نٿو ڪري سگهي. نگران وزيراعظم آزاد ڄمو?? ۽ ??سمير جي سمورن مسئلن خاص طور تي مالي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته شونٽر ٽنل، مري – مظفرآباد ايڪسپريس وي، مانس??ره – مظفرآباد – منگلا، ميرپور ايڪسپريس وي جي تعمير جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۽ گلگت بلتستان جو رستي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي سمورين وزارتن ۾ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي حوالي سان ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرايو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.