اسلام آباد ?? 11 ??? جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي چ??و آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جا آئيني طور تي پابندي آهيون. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ بابت معاملن جو پي ٽي آءِ بهتر ٻڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته پ??ڪستان ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون، غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي. نگران حڪومت آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون. هن چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي آئيني طور تي پابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جا مسئلا حقيقي آهن، اسان کي ان جو ادراڪ آهي، ان کي بهتر ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ ۾ سوال اٿارڻ تي ڪا به پ??بندي نه آهي، چونڊون انشاءَ الله 8 ف??بر??ري 2024ع خميس ڏينهن ٿينديون. 8 ف??بر??ري تي پولنگ اسٽيشنن ٻاهران عوام جون قطارون نظر اينديون.