اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي 10 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۽ ??وم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا ن??رانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??وم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.