اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ متبادل ويب سائٽ به تيار ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ آءِ ٽي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌ??يو ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اندر جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي ??نهن سان ميڊيا کي 855 تڪن جا نتيجا بنا رڪاوٽ ۽ فوري جاري ڪري سگهبا. هن ٻُڌ??يو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ??ري??ي چونڊ نتيجن جي وصولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي نتيجن جي پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ متبادل ويب سائٽ به ٺاهي ??هي. هن ٻُڌ??يو ته اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪندو، اهو سسٽم اهڙن علائقن جتي ڪنڪٽيوٽي جا م??ئل?? آهن اتي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻُڌ??يو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي ??نهن ۾ شروعاتي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان نتيجا فوٽو ??ري??ا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 لاءِ آر او کي موڪليو ويندو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا م??ئل?? پيدا ٿين ٿا ته اتي نتيجن جي پهچ آف لائن ماڊيولز ??ري??ي ٿيندي. سمورن تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ??ه اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي لاڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اهي نتيجا فارم 47 تي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آفيس جي ٻاهران نتيجا شيئر ڪرڻ لاءِ ميڊيا وال به بڻائي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اليڪشن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جتي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نتيجا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.