اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته ملڪ مان پولي?? جي خاتمي لا??ِ مر??وط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، پوليو ورڪرز ان سلسلي ۾ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آهن. صحت وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهيون ڪندي ڪيو جنهن هن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي سفير مختصر مدي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل قدمن ۽ سڌارن تي نگران وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سي??يو??ٽي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لا??ِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پولي?? جي خاتمي لا??ِ مر??وط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته پوليو ورڪرز ملڪ مان پولي?? جي خاتمي ۾ هڪ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آهن.