اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) يوٽيليٽي اسٽورن تي رمضان شريف کان اڳ بنيادي شين تي 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي جي شروعات(اڄ) اڱاري کان ٿي وئي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ??ارپوريشن اسٽورز جي ترجمان مطابق وزيراعظم طرفان اعلان ڪيل عوام جي سهولت لاءِ رمضان شريف جي ??هيني ۾ 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي تي بنيادي شين جي ??راهمي اڄ کان شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت ان خصوصي پيڪج تحت يوٽيليٽي اسٽورز ??ارپوريشن جي ذريعي عوام کي 19 بنيادي شيون جن ۾ اٽو، گيهه، کاڄرو تيل، کنڊ، دال، چڻا، اڇي چڻي، بيسڻ، کجي، چانور، چانهه، گرام مصالحن، کير ۽ شربت رعايتي اگهن تي فراهم ڪيون وينديون. ترجمان مطابق يوٽيليٽي اسٽورز ??ارپوريشن رمضان دوران عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سمورن عذائي جنسن جي ??افر مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائيندي. ان ڀيري اها رعايت ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي بي آءِ ايس پي ۾ PMT-40 بدرا PMT-60 جي رجسٽرڊ غريب خاندانن کي ملندي ۽ PMT-60 جي سبب 20 ڪروڙ عوام ان پيڪج سان فائدو حاصل ڪندا. نوٽيڪيشن مطابق رمضان پيڪج تحت چانهه جي 800 گرام قيمت ۾ 100 رپيا، بيسڻ ۽ کجي ??و في ڪلو قيمت ۾ 50 رپيا، کير ??و في ليٽر پيڪ جي ??يمت ۾ 30 رپيا، دالين ۽ چانور ??و في ڪلو قيمت ۾ 25 رپيا، ڪوڪنگ آئل ??و في ليٽر قيمت ۾ 25 رپيا ۽ شربت ج?? 800 ملي ليٽر قيمت ۾ 30 رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.