اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ملڪ ۾ رو??گا?? جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي معاونت فراهم ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشروبات ٺاهيندڙ عالمي ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪوڪا ڪولا پاڪستان ۽ افغانستان جي نائب صدر وولڪان اونگچ، سي اي او پيپسي ڪو پاڪستان ۽ افغانستان محمد کوسا جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد جي ميمبرن وزيرا??ظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي ??يس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد آگاهه ڪيو ته عالمي مشروبات ٺاهيندڙ ڪمپنين جا پاڪستان ۾ 25 جي لڳ ڀڳ ڪارخانا آهن جن ۾ 1 لک 30 هزار ماڻهن کي سڌوسنئون رو??گا?? فراهم ڪيو وڃي ٿو. وفد وزيرا??ظم کي ڪمپنين پاران ملڪ ۾ ري سائيڪلنگ جي سڀ کان وڏي نظام جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻڌايو ويو ته اهي ڪمپنيون ملڪي خزاني کي ٽيڪس جي مد ۾ هر سال وڏو حصو ادا ڪن ٿيون. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ملڪ ۾ رو??گا?? جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي معاونت فراهم ڪري رهي آهي. اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيرا??ظم چيو ته عالمي ڪمپنيون ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (CSR) تحت سرگرمين سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي عالمي ڪمپينن جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ انهن جي مسئلن جو حل جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.