اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سارڪ ??ارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جو عزم اڻ??ڪ آهي، پاڪستان سارڪ ??ي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سائوٿ ايشين ايسوسيئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جي سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور جيڪو پاڪستان جي پنهنجي پهرين دوري تي آهي، هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس سارڪ جي 15 هين سيڪريٽري جنرل جي طو?? تي مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظ??هر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، جيئن ته سيڪريٽري جنرل سارڪ جو تعلق بنگلاديش سان آهي، وزيراعظم بنگلاديش جي وزيراعظم جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سارڪ ۾ علائقائي ترقي، واپار، تعاون ۽ حصيداري جا تمام گهڻا امڪان آهن. هن سارڪ جي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سارڪ ??ارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي اڻ??ڪ عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان سارڪ ??ي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. سيڪريٽري جنرل سارڪ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ سارڪ ??ي علائقائي تعاون جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم بڻائڻ جي پنهنجي عزم کان آگاهه ڪيو. هن پنهنجي وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.