آستانه – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قزاخستان جي شهر آستانه پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل نور سليم علي يرگ??لم?? آستانه ۾ پاڪستان جي سفير نعمان بشير ڀٽي ۽ پاڪستان جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) سفير مرغوب سليم ڪيو. آستانه ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ??ار قزاخستان جي پرڏيهي وزير سان مل??قات ڪندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. نائب وزيراعظم جي ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪلوبايف ??ان آستانه ۾ پڻ مل??قات جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. مل??قات ۾ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بشڪيڪ جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.