عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اردن ۾ منعقد ٿيندڙ ”غزه جي لاءِ فوري انساني ردعمل“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل جي اردن ۽ مصر سان گڏيل طور تي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي ??دم کي اهڙي وقت ۾ ساراهيو جڏهن فلسطين جي عوام کي عالمي حمايت ۽ فوري انساني امداد جي سخت ضرورت آهي، هن عالمي سطح تي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ ۾ سيڪر??ٽر?? جنرل جي قيادت ۽ فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. نائب وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل پاران طاقت جي انڌاڌنڌ ۽ وحشياڻي استعمال جي پاڪستان جي شديد ۽ واضح مذمت جو ورجاءُ ڪندي اسرائيل پاران ڪيل جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو احتساب ڪرڻ، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه جي گهيري ۾ ورتل ماڻهن کي بنا رڪاوٽ انساني امداد پهچائڻ ۽ بي گهر فلسطينين جي واپسي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل تي پڻ زور ڏنو ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لا??اپ??ل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري.