اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ادارن کي جاري حڪمن تي اڳڀرائي جي جائزي جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي وزارتن ۽ ادارن کي جاري ڪيل هدايتن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جوڙيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزي??اع??م روزاني جي بنياد تي ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزي??اع??م سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن جي سيڪريٽريز ۽ ادارن جي سربراهن کي ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م کي پاڻ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م جي موبائيل ايپلي ڪيشن ٺاهي وئي آهي، ٽاسڪ مئنيجمينٽ سس??م عالمي معيار جو هڪ منفرد ۽ جديد سافٽ ويئر آهي جنهن جي ذريعي وفاقي وزارتن کي وزي??اع??م پاران جاري ڪيل هدايتن جي نگراني ۽ انهن هدايتن موجب اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.