اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبن ۾ زرعي ٽيوب وليز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ بج??ي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ب??ائ?? جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن ۽ بج??ي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي بج??ي پيدا ڪرڻ جو سستو ترين ذريعو آهي انهي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ شمسي توانائي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان کانپوءِ سنڌ، پنجا?? ۽ ??يبرپختونخواهه ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبن جي حڪومتن سان گڏجي آبادگارن جي خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. وزيراعظم صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بج??ي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ب??ائ?? جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. بج??ي چوري جي حوالي سان توانائي واري وزارت سان تعاون تي وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ بج??ي جي بلن جي حوالي سان سمارٽ ميٽرنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ ان حوالي سان جامع پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چئني صوبن جي بج??ي جي هڪ هڪ ورڇ ڪندڙ ڪمپني کي سمارٽ ميٽرنگ جي حوالي سان ماڊل ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته بج??ي جي بلن ۾ اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم کي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي متنقلي ۽ بج??ي چوري جي خاتمي تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڊيزل سان هلندڙ زرعي ٽيوب ويلز کي ماحول دوست شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان 2.7 ارب آمريڪي ڊالرز جو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بج??ي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين سڄي ملڪ ۾ 84366 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 174562 ايف آءِ آرز داخل ٿيون، بج??ي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي 456 ملازمن کي معطل ڪيو ويو ۽ 421460 ڪيسز فائيل ڪيا ويا، تازو ئي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار هڪ سئو تيرنهن نوان ميٽرز هنيا ويا ۽ اٽڪل 12 هزار ڪُنڍا هٽايا ويا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ (وڊيو لنڪ ذريعي)، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل (وڊيو لنڪ ذريعي) ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز پڻ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.