اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن تهران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي ??ئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي ??مائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم تهران جي دوري دوران ايران جي ??ئين صدر کي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ترجمان چيو ته محمد اسحاق ڊار ايران جي ??ئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان جي عزم جي حمايت ۽ يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ڊاڪٽر پيز شڪيان مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان ايران پاڪستان سان سٺي لاڳاپن جي ??اءِ پرعزم آهي.