اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وز??ر سينيٽر محمد اورنگ??يب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ??طرفن لاڳاپن جو اهم حص?? ۽ ??اڪستان جي هوابازي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وز??راعظم جي ويزن موجب ??هي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪيه جي هوابازي جي صنعت جي حڪمت عملي جو عمومي جائزو پيش ڪي?? ۽ ??ُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي پاڪستان ۾ هوابازي جي شعبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايوي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگ??يب ترڪيه جي واپار واري وز??ر سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه ??چ ۾ ايوي ايشن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو ??هي.