اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ??وڪ?? پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جو پختو عهد ڪيو آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ وفاق، ص??با ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊر موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن، هلندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو ??ظهار هن راولپنڊي جي يونين ڪائونسل سي ٽي آر -5 جي دوري جي ??وق??ي تي ڪيو. دوري جي ??وق??ي تي هن جاري پوليو مهم جو ??ائزو ورتو ۽ پوليو ورڪرز سان ملاقات ڪندي سندن ڪاوشن کي ساراهيو. ان ??وق??ي تي وزيراعظم جي ??وڪ?? پرسن عائشه رضا فاروق چيو ته 115 ضلعن ۾ جاري پوليو مهم جو ٽيون ڏينهن آهي. پوليو مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پوليو مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين.