اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ڊينمارڪ حڪومت طرفان معدنيات جي شعبي م سهڪار ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينمارڪ جي سف??ر جيڪب لينولف جي سربراهي ۾ ميڪو ڪيٽو گروپ جي سي اي او فل سمڊٿ سان گذريل ڏينهن ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير عبدالعيلم خان، مصدق ملڪ ۽ محمد اورنگزيب به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپار واري وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان جو انتهائي اهم ڪاروباري شراڪتدا?? آهي ۽ اسان ان شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جي سف??ر چيو ته ڊينمارڪ گذريل 30 سالن کان پاڪستان ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبن ۾ سرگرم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا قائم آهن. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن چيو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جن ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي. پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. پاڪستان مستقبل ۾ ڊينمارڪ سان ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ وڌيڪ سهڪار جو منتظ?? آهي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ڊينمارڪ سان سيڙپڪاري حوصلو ڏيندڙ آهي، هاڪاري نتيجا سامهون ايندا، حڪو??ت نجي شعبي جي سهڪار سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وفاقي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي ک??تي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واپار کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.