اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي قومي جرئت ?? بهادري جي لازوال علامت جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ فوج جو ڳاڻيٽو دنيا جي بها??ر، جرئت مند ۽ مضبوط ??ري?? فوج ۾ ٿئي ٿو جيڪو نه رڳو پنهنجي ملڪ پر سڄي دنيا جي امن مشن ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آهي. سينيٽ سي??ري??ريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي قومي جرئت ?? بهادري جي لازوال علامت جي حيثيت رکي ٿو. دشمن ملڪ جي فوج 6 سيپٽمبر تي عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي اڌ رات جو مملڪت پاڪستان تي حملو ڪيو هو. پاڪ فوج ۽ بهادر عوام ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ آزادي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڀارتي فوج سامهون جرئت ?? بهادري جو اهو مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو. دشمن ملڪ جي سمورن ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪ فوج جو شمار دنيا جي بها??ر، جرئتمند ۽ مضبوط ??ري?? فوج ۾ ٿئي ٿو، جيڪا نه رڳو پنهنجي ملڪ پر سڄي دنيا جي امن مشنز ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته هن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مخالفت جي باوجود شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي نيوڪليئر پاور بڻائڻ جو بنياد رکيو. اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سبب دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿي ڏسي سگهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان پنهنجي دفاعي قوت کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي ته جيئن دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي سگهجي. پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي حوالي سان شهيد قائد عوام جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ عوام بي شمار قربانيون ڏنيون آهن، اسان سڀني کي پنهنجي فوج تي فخر آهي جن??ن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇليو ۽ دهشتگردن خلاف ڪيترائي آپريشن شروع ڪري دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي. ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ نوجوان سپوتن پنهنجي زندگين جو نذرانو ??يش ڪيو جنهن کي پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اڄوڪو ڏينهن پنهنجي شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت ??يش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. يوم دفاع پاڪستان ملهائڻ حقيقت ۾ دشمن قوتن لاءِ ان پيغام جو ورجاءُ آهي ته پاڪ فوج ۽ قوم 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جنهن عزم ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آهي ۽ اها اڳتي به پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي، اسان سڀ گڏجي قومي مسئلن ۽ در??يش چئلينجن جو مقابلو پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي رهنما اصولن، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل ڪري سرانجام ڏينداسين. هن چيو ته اچو ته محنت ۽ چاهه سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ??ري??ن، هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي فوج جي سپوتن کي سندن قربانين ، جرئت ?? بهادري تي سلام ??يش ??ري??ن ٿا.