اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) ??ين??ٽ اجلاس ۾ حڪومت ميمبر شهادت اعواڻ ۽ مخ??لف ڌر ميمبر سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي ??ين??ٽرن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. گذريل ڏينهن ??ين??ٽ اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس د??ران ٻنهي ميمبرن ۾ ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايوان ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ايوان جي ڪارروائي ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪيو ويو هو. وقفي کانپوءِ ??ين??ٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ??ين??ٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وقفي دوران ??ين??ٽ چيئرمين سان حڪومتي ۽ مخ??لف ڌر جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ??ين??ٽ چيئرمين ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ٻئي ??ين??ٽرز هڪٻئي کي ڀاڪر پائين ته جيئن ايوان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿئي جنهن کانپوءِ وفاقي وزير ??ين??ٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مخ??لف ڌر جي اڳواڻ ??ين??ٽر شبلي فراز ٻنهي ميمبرن کي ڀاڪر پارايو. ان موقعي تي ٻين ??ين??ٽرن پڻ ايوان ۾ خوشگوار ماحول تي خوشي جو اظهار ڪيو. ??ين??ٽ چيئرمين چيو ته اها ئي روايت آهي ته اسان هڪٻئي سان ڀائيچاري سان رهون ۽ ان کان اڳ انهي ميمبرن پاران هڪٻئي جي باري ۾ جيڪي رمارڪس ڏنا ويا هئا انهن کي ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي. ان کان اڳ ??ين??ٽر مسرور خان ۽ ??ين??ٽر ثمينه ممتاز زهري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي ميمبرن وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ معاملي کي سٺي طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ??ين??ٽر شبلي فراز چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي پر اها ڪميٽي غير جانبدار هجي. ??ين??ٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به معزز ميمبر کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن ٻئي جي باري ۾ فتوا جاري ڪري، قائدا ۽ قانون ان لاءِ ٺاهيا ويندا ??هن ته انهن تي عمل ڪيو وڃي، اهو معاملو ??ين??ٽ چيئرمين کي موڪلڻ گهرجي جيڪو هن ايوان جو ڪسٽيوڊين آهي. هو معاملي جي جاچ ڪري، مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿو.