اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي ??ابطا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل ??يصلن تي عملدرآمد لاءِ مروجه پلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عملدرآمد کي موثر ۽ يقيني بڻائي ??گه??ي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اس?? عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي او سي ڪيل ??يصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياحت جي شعبي کي کولڻ ??ابت تجويزن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو، اس?? عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآمد لاءِ جوڙيل ??ائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.