اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر سان پاڪستان ۾ آذربائيجان ??ي سفير علي عليزاده ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي ??ي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ي وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا هموار آهن، پاڪستان ??ذربائيجان ??ان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، مذهبي ۽ جاگرافيائي هڪجهڙائي آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي ?? قائم پاڪ آذربائيجان پارلياماني دوست گروپ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪشمير ??ي مسئلي جو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.