اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا جي 625 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 15 مريض اسپت??لن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي و??ا. ??ذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 697 ٽيسٽ ڪيا وي??، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 689، پنجاب ۾ 11 هزار 722، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 765، اسلام آباد ۾ 2 هزار 228، بلوچستان ۾ هڪ هزار 93، گلگت بلتستان ۾ 601، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 98 هزار 55 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 877 آ??ي. ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 13 هزار 431 آهي.