اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو. هائوسنگ واري وزارت پاران ??زي??اعظم کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪ?? جاري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي منصوبن جي نتيجي ۾ تعمير ٿيندڙ هائوسنگ يونٽس ۽ انهن منصوبن جي ماليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم جاري ڪ??و ويو آهي ان جي نتيجي ۾ 38667 يونٽ?? تعمير ٿيندا. انهن منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ارب روپيا آهي، انهي طرح پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪ??ترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪ?? جو ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي نتيجي ۾ 5372 يونٽ?? تعمير ٿيندا جنهن جو ڪاٿو 27.85 ارب روپيا آهي، هن سال جاري منصوبن جي نتيجي ۾ 26625 يونٽ?? تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت 213.4 ارب روپيا آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿيندڙ منصوبن جي نتيجي ۾ 25017 يونٽ?? تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت جو ڪاٿ?? 112.03 ارب روپيا آهي.