اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ضم ٿيل علائقن جي ب??ا رنڊڪ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، صوبن جي روينيو ?? آمدني جي ضلعي سطح تي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ صوبن جي هڪجهڙي تعمير ۽ ترقي جي عمل لاءِ بي حد ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان وجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ خيبرپختونخوا صوبي خاص طور تي ضم ٿيل علائقن ۽ پنجاب صوبي جي ترقياتي ضرورتن جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.