اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، بجلي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ?? روانگي واپار ۾ اضافي ۽ سبسڊيز رڳو غريبن تائين محدود ڪرڻ جي لاءِ چئلينج قرار ڏيندي چ??و آهي ته ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت اچي و??و آهي، حڪومت سنڀالي ته معاملا ٻاهران ويهي ڏسڻ جي بلڪل مختلف هئا، گورننس نظام ۾ بيوروڪريسي جي ح??ال?? سان سڌارن تي ڪم ٿي ره??و آهي، تعميرات جي شعبي جو فروغ ۽ صنعتي ترقي جا اشارا مثبت آهن، ملڪي معاشي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ روانگي واپار جو فروغ لازمي آهي، ملڪ ۾ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، ترقياتي منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪرائڻ چاهيون ٿا، 18 هين ترميم تحت وفاق ۽ صوبن ۾ ڪجهه مسئلا حل طلب آهن، 5 سالن کانپوءِ عوام فيصلو ڪندي ته موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي 21 – 2020ع جي لاءِ وزارتن جي ڪارڪردگي جي معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۽ وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي بابت هدف ڏيڻ جي ح??ال?? سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.