اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ خواجه آصف پنهنجي قانوني آمدني جي ذريعن بابت ٻڌا??ڻ ۽ نيب کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اه??و اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن بابت خاص معاون عثمان ??ار سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته خواجه آصف شهباز شريف ۽ اسحاق ??ار جي طريقيڪار تي عمل ڪندي لٽ مار ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير مسلم ليگ (ن)جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اثاثه ٺاهيا.