اسلام آباد -14 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطه آفيس ترجمان چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ رفح جي علائقي ک?? خالي ڪرڻ جي منصوبي جي با??ي ۾ انفرادي يا گڏيل طور تي آفيس سان رابطو نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آفيس رفح مان فلسطينن جي جبري نيڪالي جي ڪنهن به ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو. رائٽرز مطابق آفيس ترجمان جينز لاير رفح جي منصوبن جي با??ي ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اسرائيلي اختيارين ان با??ي ۾ ڪڏهن به اسان سان با??ابطه طور تي ڳالهه نه ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومون جبري يا غير ارادي طور تي نيڪالي ۾ مدد نه ڪندو ۽ نه ئي ان وقت شهرين جي نيڪالي ۾ سهولت فر??هم ڪرڻ جو ڪو منصوبو نه آهي.