ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏ??ڍ سال اسان وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وڏا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ساڙڻيون پونديون آهن، اسان جي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج ماضي جي حڪومت طرفان ورتل قرضن جو ڍير ۽ گردشي قرض هو، حڪومتي قدمن سان معيشت بهتر ٿي ر??ي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري اچي ر??ي آهي، غير ملڪي س??ڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان جو رخ درست آهي، پاڪستان لاءِ سٺو وقت ش??وع ٿيڻ وارو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بريڪ فاسٽ ميٽ ۾ اهم ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو.