اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي م??ظر عام تي آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، عيد جي م??قعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي، آئون انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر سان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي مسافر جهاز حادثي جي حوالي سان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي م??قعي تي ڪيو.